اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 28 هين ڪانفر??س آف پارٽيز جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي ??رطانوي بادشاهه چارلس ٽي سميت ٻين عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي شروعاتي ??يشن ۾ شريڪ ٿيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ، ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽ فر??ڊرڪسن ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.