اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سمورن لاڳاپيل ادارن کي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي قيمت تي ڀاڻ جي فراهمي ??قيني بڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪرڻ جي ??دا??ت ڪندي چيو آهي ته ڀاڻ جي ??خيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو، صوبائي سرحدن تي ڀاڻ جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ڀاڻ جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي ??ن ۾ ڪنهن به قسم جي ??ڪاوٽ نه وڌي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ??دارت ۾ ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي ??لب ۽ پهچ ۽ قيمت تي هنگامي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ، ڊاڪٽر ڪوثر عبدالمالڪ، محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي ??ازي پيداوار، طلب ۽ آبادگارن کي فراهمي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ يوريا جي پيداوار ۽ اسٽاڪ ڪڻڪ جي ??ازي فصل جي لاءِ ڪافي آهي جڏهن ته بفر اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي جنهن جي پهرين کيپ ايندڙ هفتي تائين پاڪستان پهچي ويندي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ضلعي انتظاميا پاران آبادگارن کي حڪومتي رعايتي اگهن تي ڀاڻ جي فراهمي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبن پاران سبسڊي فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورن صوبن جي ڪابينا ۾ سموريون جلد منظوري جي لاءِ پيش ڪيون وينديون. اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته آبادگارن کي يوريا ڀاڻ جي ??ڪومتي رعايتي اگهن تي بنا رڪاوٽ فراهمي ??قيني بڻائي وڃي، ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي ??خيره اندوزن جي ??لاف فوري ڪارروائي ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪري قرار واقعي سزا يقيني بڻائي، ڀاڻ جي ??خيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته يوريا ڀاڻ تي حڪومتي سبسڊي آبادگارن جيڪي ان جا صحيح مستحق آهن، انهن تائين پهچائي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته ترجيحي بنيادن تي يوريا جي ??نا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي فوري طور تي پيش ڪئي وڃي، صنعت واري وزارت ۽ غذائي تحفظ واري وزارت صوبائي حڪومتن کي يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀاڻ جي ??خيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت يقيني بڻائي، صوبائي سرحدن تي ڀاڻ جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ڀاڻ جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي ??ڪاوٽ نه وڌي وڃي. هن ??دا??ت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا ڀاڻ جي ??بادگارن کي حڪومتي رعايتي اگهه تي فراهمي ??قيني بڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته يوريا ڀاڻ تي سبسڊي جو بار سمورا صوبا پنهنجي پنهنجي کپت جي ??ناسب سان کڻن، فصل جي پوکائي دوران يوريا ڀاڻ جي ??نا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبن ۽ لاڳاپيل صنعت سان مشاورت سان هڪ ٺوس فريم ورڪ جوڙي پيش ڪيو وڃي.