اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ??ي مدد سان تعليم ۽ خواندگي کي ڏورانهن ۽ ڏکئي علائقن تائين پهچائي سگهجي ٿو، تعليمي شعبي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي استعمال سان خرچ گهٽ ٿيندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي ??عليمي معيار برقرار رکڻ سان گڏ شاگردن جي ??نگ ۾ اضافوڪري سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير ايجوڪيشن فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، اسڪول نه ٿي وڃي سگهندڙ ٻارن جي ??عليم جي لاءِ هزارين نوان اسڪ??ل گهربل هوندا، ٻارن جي ??عليم، خواندگي وڌائڻ جي لاءِ مسجدن کي تعليمي مرڪزن طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته خواندگي جي ??رح کي وڌائڻ جي لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ??عليمي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ??و استعمال وڌائڻو پوندو. وفد صدر کي آزاد ڄمون ۽ڪ شمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ معياري تعليم ۽ خواندگي جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرمين سيد طفيل حسين بخاري ۽ فائونڊيشن جو چيئرمين مظ??ر محمد قريشي پڻ شريڪ هئا. وفد ٻڌايو ته فائونڊيشن پنجاب ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٽي اسڪول ۽ استادن جو تربيتي ڪاليج هلائي رهي آهي، فائونڊيشن جو مقصد تعليم جو فروپغ، نوجوان شهرين جي ڪردار ??از?? آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ تعليم جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.