اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي ۽ نجڪاري ۽ توانائي بابت ڪابينا ??ميٽ?? جي فيصلن جي توثيق ڪندي پي ٽي وي پاران غيرملڪي براڊ ڪاسٽرز کي راندين جي مقابلن جي نشرياتي حقن جي مد ۾ ادائيگين جي اجازت ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) تحت افغانستا?? ڪنٽري آفيس جي استعمال هيٺ گاڏين جي اسپيئر پارٽس ۽ نئين ٽائرن جي ڪراچي پورٽ کان ڪابل، افغانستان ٽرانزٽ/ منتقل?? جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا ??ي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ اهڙي درآمدات ۽ ان جي افغانستان منتقل?? جي منع آهي جڏهن ته گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام تحت ڄاڻايل اسپيئر پارٽس ۽ ٽائرز گڏيل قومن جي استعمال ۾ هوندا ۽ انهن کي ڪاروباري استعمال ۾ نه آندو ويندو. وفاقي ڪابينا دفاعي پيداوار واري وزارت جي سفارش تي سيڪريٽريٽ گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر خان نواز جي هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا ۾ بطور ميمبر فنانس ٻيهر مقرر?? جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارس ت?? جي ايس بئنڪ جي اسپانسرنگ شيئر هولڊر شبير احمد رنديري کي بئنڪنگ ڪمپنيز آرڊيننس جي سيڪشن 14 (1) IV کان ڇوٽ ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي، ان ڇوٽ تحت شبير احمد 7.06 سيڪڙو اسپانسرنگ شيئر هولڊر جي حيثيت سان جي ايس بئنڪ لميٽيڊ ۾ پنهنجو ووٽنگ جو حق استعمال ڪري سگهندو. وفاقي ڪابينا ??هرو وزارت جي سفارش تي ٻٽي سهريت رکندڙ جوابدار عرفان قادر ڀٽي کي نارو?? جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا ??ي ٻڌايو ويو ته جوابدار تي ناروي حڪومت پاران دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي، ان حوالي سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي بطور انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو هو جيڪو جاچ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتو ته جوابدار دهشتگردي ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث آهي، ان معلومات جي روشني ۾ وفاقي ڪابينا جوابدار کي نارو?? جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت جي سفارش تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال جي خالي جڳهه تي سيد طارق محمد الحسن جي مقرر?? جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن پاران غيرملڪي براڊ ڪاسٽرز کي راندين جي مقابلن جي نشرياتي حقن جي مد ۾ ادائيگين جي اجازت پڻ ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا توانائي ببات ڪابينا ??ميٽ?? جي 6 فيبروري 2024ع، ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ??ميٽ?? جي 7 فيبروري 2024ع، نجڪاري بابت ڪابينا ??ميٽ?? جي 7 فيبروري 2024ع ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽ?? جي 7 فيبروري 2024ع ۽ 14 فيبروري 2024ع جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.