پشاور-08 فيبروري (اي پي پي) ٿڌي م??سم باوجود خميس ڏينهن سوات، شانگلا ۽ بونير جي ضل??ن جي پولنگ اسٽيشنن تي ووٽرن جي هجوم آزداڻي ۽ پرامن ماحول ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو، مينگوره سٽي، امان ڪوٽ، ڪالام، مالم جبه، بحرين، مد??ن، خوازه خيله، بونير ضل??ي ۾ سواڙي، ڊگر، ايلم ۽ شانگله ۾ بشام، چڪسر ۽ پورن جون پولنگ اسٽيشنون ظهر جي نماز کانپوءِ ماڻهن سان ڀرجي ويون. انهن پهاڙي ضل??ن ۾ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کانسواءِ نوجوانن ۽ عورت ووٽرن ۾ زب??دس?? جوش ۽ جذبو ڏسڻ ۾ آيو. پولنگ اسٽيشنن ٻاهران پولنگ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي م??رر ڪيو ويو آهي، پولنگ اسٽيشنن جي اندر اليڪٽرانڪ اوزارن کانسواءِ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادي جي اجازت نه آهي، ووٽ وجهڻ لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.