اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نگران ڪابينا ۽ وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جي سمورن آفيسرن ۽ عملي جي تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته منهنجي لاءِ پاڪستان ئي سڀ ڪجهه آهي، ??سا?? کي پنهنجي گه?? پاڪستان کي خوشحال ۽ مستحڪم بڻائڻو آهي، پاڪستان جي عوام ۾ بي پناهه صلاحيت آهي. نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وفاقي ڪابينا ۽ عملي جي ڀرپور معاونت کي ساراهيو. هن نگران ڪابينا جي سمورن ساٿين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جي سمورن آفيسرن ۽ اسٽاف جي تعاون تي ٿورائتو آهيان. پرنسپل سيڪريٽري، ڊي ايم ايس ۽ ٻئي مددگار اسٽاف جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس ۽ وزارتن جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي ۾ پرنسپل سيڪريٽري جو ڪردار انتهائي اهم رهيو. ڪابينا سيڪريٽري جنهن انداز ۾ ذميواريون سرانجام ڏنيون ان تي هو خراج تحسين جو مستحق آهي. ملٽري سيڪريٽري بهترين پيشيواراڻي انداز ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪيون. هن چيو ته ڪابينا سيڪريٽري ۽ ٻين قابل بيوروڪريٽس جي موجودگي ??سا?? جي لاءِ فخر جوڳو آهي. هن چيو ته آئون خوش قسمت آهيان جنهن کي ملڪ جي خدمت جو موقعو مليو. مون کي پاڪستان سان محبت آهي. هن چيو ته ??سا?? پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ نمايان مقام ڏيارڻو آهي. پاڪستان بابا بلهي شاهه، شاهه عبداللطيف، خوشحال خ??ن جي ڌرتي آهي، پاڪستان مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن جو مرڪز آهي جنهن جي پنهنجي منفرد سڃاڻپ آهي.