مظفر آباد ??? 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪشميرين سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيال?? جو اظهار آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ملاقات ۾ ڪيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهش?? جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي پاڪستان پاران ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ اڻٿڪ حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ اسان انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عهدو سنڀاليندي ئي آزاد ڪشمير جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم شهب??ز شريف جا ٿورا مڃيا. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته اڄ توها?? جو برساتن کان متاثر ماڻهن سان ملاقات جي لاءِ هتي اچڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.