اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري ترڪ هٿياربند ف??ج جي ڪمانڊر، ڪمانڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو کي نشان پاڪستان (ملٽري) سان نوازيو. ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ٿي. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، ٽنهي هٿياربند ف??ج جي آفيسرن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر آصف عل?? زرداري اعليٰ ذهانت رکندڙ آفيسر، بهترين انتظامي خوبين، بهادر ۽ پيشيواراڻي طور تي قابل آفيسر هجڻ تي نشان پاڪستان (ملٽري) جو اعزاز عطا ڪيو. اعزاز حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير، ترڪيه هٿياربند ف??ج جي ڪمانڊر کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته جنرل سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو 1993ع ۾ آرمي وار ڪاليج ۽ 1997ع ۾ آرمڊ فورسز ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي. هن پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران مختلف اسٽاف ۽ ڪمانڊ عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس شاندار خدمتن ۽ ڪارنامن جي اعتراف ۾ کيس 2021ع ۾ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي ۽ آگسٽ 2023ع ۾ ترڪ لينڊ فورسز جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو.