اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف آزاد ڄمون ڪشمير جي موجوده صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌري?? تي زور ڀريو آهي، ته اه?? پنهنجي مطالبن جي حل لاءِ پرامن رستو اختيار ڪن. وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بحث مباحثو ۽ پرامن احتجاج جمهوريت جي خوبصورتي آهي، پر قانون ک?? پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. هن ايڪس ٽائيم لائي?? تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي، ته بدقسمتي سان افراتفري ۽ اختلاف راءِ جي صورتحال ۾ هميشه ڪجهه ماڻهو اهڙا هوند?? آهن، جيڪي فوري سياسي پوائنٽ اسڪورنگ شروع ڪري ڏيند?? آهن. هن وزي??اع??م آزاد ڪشمير سان به ڳالهايو ۽ خطي ۾ مسلم ليگ (ن) جي سمورن عهديدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان گڏجي پرامن حل تلاش ڪن. هن جو چوڻ هو ته مخالفن جي ڪوششن باوجود اميد آهي، ته معاملو جلد حل ٿي ويندو.