اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ب??وچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ملڪ جي مجموعي ۽ س??اسي صورتحال ?? بلوچستان جي مختلف ترقياتي منصو??ن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ملڪي معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ سمورين سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ب??وچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر عثمان باديني ۽ نور عالم خان پڻ موجود هئا.