لاهور -23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پوليو کان حفاظت جو عالمي ڏينهن 24 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ?? صحت کاتي پاران مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ?? صحت جا ما??ر پوليو کان حفاظت بابت اپائن تي روشني وجهندا جڏهن ته عوام کي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا حفاظتي ڦڙا پيارڻ لاءِ آگاهي فراهم ڪندا. پاڪستان ۾ ان ڏينهن جي موقعي تي پوليو ورڪرز جي اڻٿڪ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ مختلف خانگي ۽ سرڪاري ادارن سميت صحت کاتي پاران خاص پروگرام منعقد ڪيا ويندا. جڏهن ته ??رنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ پوليو جي روڪٿام جي حوالي سان خاص پروگرام نشر ۽ مضمون شا??ع ڪيا ويندا.