اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته اڄ جو ڏينهن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي طور ملهائڻ اسان پاران پنهنجي انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل حمايت جو ورجاءُ آهي جن کي 6 مهينن کان غيرانساني حراست ۽ مواصلاتي ناڪابندي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهڙيون ڊگهيون پابنديون جن جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، انهن نام نهاد ڀارتي ??مه??ريت جي ??ساني ۽ ان پاران بنيادي انساني قدرن جي بي لحاظي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ قابض فوج هٿان 80 لک ڪشميرين کي انهن جي ??نهنجي سرزمين تي قيد ڪري رکيو آهي، اهڙي بنيادي حقن جي ??ائمالي جا تاريخ ۾ گهٽ ئي مثال ملن ٿا، عالمي برادري ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن ۽ انهن جي آزادي جو تحفظ يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي جارحاڻي ۽ جن??گو قدمن سان امن کي لاحق خطرن جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ??ري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ ڪيو.