اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورنا وائر?? جي صورتحال کي ڏسندي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر صوبن جي مشاورت سان لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ يا وڌائڻ جو فيصلو ڪندو، حالتون لائحه عمل کي بدلائي سگهن ٿيون، جيڪڏهن ڪورونا وائر?? جي پکيڙ ۾ شدت پيدا ٿئي ٿي ته ان کان به وڌيڪ سخت هدايتون لاڳو ڪرڻيون پونديون، 14 اپريل کان پهرين آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام جي سلامتي ۽ تحفظ اولين ترجيح آهي، ڪورونا وائر?? جي جيڪا صورتحال هلي رهي آهي ان کي نظر ۾ رکندي ماهرن جي ٽيم ڪم ڪري رهي آهي.