اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪراچي ۾ اتحادي پارٽين جي وفد ملاقات ڪ??ي جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، نجڪاري وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، سامونڊي معاملن واو وفاقي وزير سيد علي زيدي به موجود هئا، وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ وسيم اختر، ڪنور نويد، ڪشور زهره، فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ، سيد آفريدي، اشرف قريشي، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، عرفان مروت، اياز لطيف پليجو، ??ردار عبدالرحيم، حسنين مرزا شا??ل هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ماضي ۾ اقتدار ۾ رهندڙ سياسي قيادت عوامي خدمت نه ڪئي، هنن صرف پن??نجي ذاتي مفادن خاطر اقتدار کي استعمال ڪيو.