اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ضم ٿيل علائقن لاءِ ترقياتي فنڊن جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي جي حوالي سان وفا??ي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي آهي، انهن علائقن ۾ ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻن قبائلي علائقن) سان ??علق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ضم ٿيل ضلعن ۾ عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي معاملن، ڪورونا وبا جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي حوالي سان ??وڊ ميپ تي اڳڀرائي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم ميمبرن سان ڳالهائيندي چ??و ته ضم ٿيل ضلعن لاءِ ترقياتي فنڊن جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي جي حوالي سان وفا??ي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي آهي، ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائن اولين ترجيح آهي.