لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ پنجاب صوبو قائم ڪرڻ جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن مان ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ڀرپور تياري ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ سان انتظامي اختيارن جي منتقلي طرف هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي، ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي موجو??ه حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هو ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن لاهور ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ڏکڻ پنجاب جي جدا صوبي بابت ??وا??ي مطالبي تي موجو??ه حڪومت پاران عملي اڳڀرائي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي ??وا?? جو پراڻو مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار هو جنهن جي حل جو واعدو ماضي جي حڪومتن ڪيو پر پ??رو نه ڪيو ويو. ان مطالبي کي پاڪستان تحريڪ انصاف نه رڳو پنهنجي منشور جو حصو بڻايو پر ان طرف عملي اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن تي هو وزيراعظم جا ٿورائتا آهن. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جو قيام اختيارن جي منتقلي طرف اهم اڳڀرائي آهي، ا?? سان ڏکڻ پنجاب جي ??وا?? جي مسئلن جو حل ملتان ۽ بهاولپور ۾ ممڪن ٿيندو.