اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جا پراڻا مسئلا ان وقت تائين حل نه ٿا ٿي سگهن جيستائين ڪراچي جي عوام جي چونڊيل مقامي حڪومت جا نمائندا آئين جي روح موجب مالي، سياسي ۽ انتظامي طور تي خودمختيار نه ٿين. وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 140 اي ??ي ان جي روح موجب مڪمل عملدرآمد جي حامي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب هن اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته آرٽيڪل 140 اي ??حت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ داخل پٽيشن جي جلد ٻڌڻي ۽ فيص??ي جي لاءِ اعليٰ عدليه کي فوري طور تي درخواست ڪئي وڃي.