اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صوبائي گورنرن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ذريعي صوبن ۾ ڪم ڪندڙ وفاقي ادارن ۾ شڪايتن جي ازالي جي نظام جو جائزو وٺڻ جي ذميداري ??ون??ي ڇڏي، ان حوالي سان هدايتن تي منظم طريقي سان عمل??رآ??د لاءِ سينئر سطح جي فوڪل پرسن کي نامزد ڪيو ويندو جيڪو پرائم منسٽر ڊليوري يونٽ/ وزيراعظم آ??يس سان رابطي ۾ ره??دو. وزيراعظم ميڊيا آ??يس موجب آڪٽوبر 2018ع کان، پاڪستان سٽيزن پورٽل (پي سي پي) سڄي ملڪ ۾ شڪايتن جي ازالي جي لاءِ سڀني کان قابل اعتماد ذريعي طور سامهون آيو آهي، ان پليٽ فارم عام ماڻهو کي صحيح معنيٰ ۾ بااختيار بڻائيندي پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ آواز فراهم ڪيو آهي، آسان پهچ وقت سر ازالي ۽ شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي عمل ۾ شفافيت سان عوامي اعتبار ۽ اعتم??د حاصل ڪيو آهي، ٻن سالن ۾ 30 لک کان وڌيڪ رجسٽريشن (125،000 ماهوار) ان سسٽم تي عوام جو بي حد اعتماد ظاهر ڪري ٿو