ٽوڪيو – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آزاداڻي سيڙپڪاري پ??لي??ي تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ سيڙپڪاري جو سازگار ماحول ۽ بهترين موقعا فراهم ڪري ٿو، جاپاني ڪمپنيون پاڪستان ۾ معيشت جي مختلف شعبن ۾ دستياب منافع بخش موقعن مان فائدو کڻن. هو ٽوڪيو ۾ جاپان پاڪستان بزنس ڪميونٽي طرفان ڏنل آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي پاڪستان بزنس ڪوآپريشن ڪميٽي جي وفد ۾ ميرو بيني ڪارپوريشن، ٽويوٽا موٽرز، سوزوڪي موٽرز، متسوبشي، سومي ٽومو، يونيورسا آئي ميٽلز ۽ مٽسوئي سميت مشهور جاپاني بزنس ڪارپوريشنز جا ن??ائ??دا به موجود هئا.