ميرپور – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي مخا??ب ڪندي چيو آهي ته مودي ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهجان، پاڪس??ان تي حملو تنهنجي آخري غلطي هوندي، پاڪس??ان ۾ ڪير به موت کان نه ٿو ڊڄي، اسان الله تي ايمان رکون ٿا، والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو وڌيڪ عرصي تائين نه ٿو رهي سگهي جنهن ڏينهن ڪرفيو ختم ٿيو انسانن جو سمنڊ آزادي جو آواز ??ڻجي نڪرندو ۽ مودي جي هٿ ۾ ڪجهه نه رهندو، پاڪس??ان جنگ نه پرامن طريقي سان مسئلن جي حل جو خواهشمند آهي، اڄ پوري دنيا والاريل ڪشمير جي عوام جي حالتن کان آگاهه آهي، ڪشمير جو مسئلو عالمي سطح تي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ??ڪج??تي ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.