اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خاص معاون عثمان ڊار ملاقات ڪئ?? جن??ن ۾ هن وزيراعظم کي ٽائيگر فورس متحرڪ ڪرڻ کانپوءِ پهرين رپورٽ پيش ڪئ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب عثمان ڊار صوبائي حڪومتن جي تعاون ۽ انگن اکرن تي پڻ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته رجسٽرڊ نوجوان محنت ۽ لگن سان ڏني ويندڙ ذميوارين کي ادا ڪري رهيا آهن، يونين ڪائونسل جي سطح تي ٽائيگر فورس پاران بيروزگار ماڻهن جي رجسٽريشن ۾ پڻ مدد ملي.