اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ ??پر??شن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو ته هن وقت پوري ملڪ ۾ 631 سمارٽ لاڪ ڊائون موجود آهن، ٽيست، ٽريڪ ۽ ڪوارنٽئين (ٽي ٽي ڪيو) حڪمت عملي شروع ڪرڻ کانپو??ِ هيستائين ٽيسٽنگ جي صلاحيت ٻيڻي ٿي وئي آهي. منصوبابندي، ??رقي، ??ڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ عيدالفطر جي ايس او پي، ڪورونا وائرس جي صورتحال، ٽي ٽي ڪيو اپ ڊيٽ ۽ مواصلات جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.