ا??لا?? آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڏس ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي برساتي نالن جي صورتحال بابت تفصيلي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام کي ان مشڪل صورتحال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ا??لا?? آباد ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين پڻ شامل هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ع??ران خان جي اين ڊي ايم اي کي ڪراچي ۾ برساتي نالن جي صورتحال بابت تفصيلي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام کي ان مشڪل صورتحال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي.