اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته معاشري جي ڪمزور ۽ غربت جي شڪار ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ اسان جي ذميداري ۽ اولين ترجيح آهي، حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آه?? ته سبسڊي جي نظام کي ??وثر، شفاف ۽ هدفن موجب بڻايو وڃي ۽ ان ڳالهه کي ??قيني بڻايو وڃ?? ته سرڪاري خزاني مان خرچ ڪيل رقم جو بهترين استعمال ٿئي. هو هتي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي ضروري شين جي مد ۾ حڪومتي سبسڊي جي فراهمي جي نظام کي ??ڌيڪ موثر بڻائڻ جي حوالي سا?? اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي وارو سيڪريٽري، نادرا چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا.