اسلام آ??اد – 31 آگسٽ (اي پي پي) نيشن ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي سومر ڏ??نهن آگاهه ڪيو ويو ته مئي کانپوءِ پهريون ڀيرو وينٽيليٽرز تي ڪورونا جي مريضن جو تعداد 100 کان گهٽ ٿي ويو آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، ??رق??اتي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ محرم الحرام جي حوالي سا?? منصوبن ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزين ب??بت شڪايتن ۽ تعليمي ادارن جي ٻيهر کولڻ جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، فورم محرم جي سرگرمين دوران بيماري جي پکڙجڻ جي اثرن جو جائزو ورتو ۽ صوبائي حڪومتن جي ذريعي نافذ محرم جي انتظامي منصوبي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.