اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مصطفيِ نواز ک??کر جي سربراهي ۾ منعقد ٿيو، سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جي اجلاس ۾ معصوم مسيحي ٻارڙي جي اغوا سميت ٻيا معاملا بحث هيٺ آيا، اجلاس ۾ فيصل آباد پوليس عملدارن ڪميٽي کي ٻارڙي جي اغوا جي حوالي سان جاچ عمل کان آ??اهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ٻارڙي جو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ کانسواءِ ٻي ض??وري ڪارروائي اڪلائي وئي، ٻارڙي جي وارثن ان موقعي تي ٻڌايو ته فرح نالي ٻارڙيءَ ۽ ان جو ڀاءُ وقاص جاڙا آهن، ٻنهي جي پيدائش جي تاريخ فارم (ب) ۾ لکيل آهي، ٻارڙي جي والد پوليس جي رويي جي باري ۾ ڪميٽي کي شڪايت ڪئي، ڪميٽي جي چيئرمين ٻارڙي جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته ذميدارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وين??ي، ڪميٽي ايس ايس پي کي هدايتون ڏنيون ته ان پوري معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪميٽي کي 6 جنوري 2021ع تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.