اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پورهيتن جي لاءِ وڌيڪ محفوظ ۽ بهترين ڪم ڪرڻ جي حالتن ۽ سماجي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پورهيتن جي عال??ي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ پورهيتن جي عال??ي ڏينهن جي موقعي تي اسان پنهنجي س??نڊ پار پاڪستاني پورهيتن سميت صنعت، زراعت ۽ غيررسمي معيشت ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي خراج تح??ين پيش ڪريون ٿا.