اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم جي ص??ار?? ۾ ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي ??ي ايل) بابت ذيلي ڪميٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد کانسواءِ گهرو وزارت ۽ نيب جا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ اي ??ي ايل ۾ شامل ۽ ڪڍيا ويندڙ ماڻهن جي فهرستن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان ??وقعي تي مختلف کاتن جا نمائندا ۽ انفرادي حيثيت ۾ مختلف ماڻهو پيش ٿيا جن جو موقف معلوم ڪرڻ کانپوءِ ميرٽ تي فيصلا ڪيا ويا. ذيلي ڪميٽي جي عملدارن پاران ??خالفت جي باوجود مختلف نالن کي اي ??ي ايل مان ڪڍڻ جي پڻ سفارش ڪئي آهي.