اسلام آ??اد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لفٽر طلحه طالب ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر ۾ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽوڪيو اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ايٿليٽس نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لفٽر طلحه طالب ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا به شريڪ هئي. صدر ٽوڪيو اولمپڪس ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ايٿليٽس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي رانديگرن ب??تر راند جو مظاهرو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪيو آه??، صدر اميد ظاهر ڪئي ته ايٿليٽس مستقبل ۾ ان کان به ب??تر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ح??صل?? افزائي لا??ِ ٻنهي ايٿليٽس ۾ انعامي چيڪ به ورهايا.