اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه حڪومت ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون جي بالادستي مڪمل طور تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي ??هي، معاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ??ه معاشري جي هر طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان سان برطانيا جي پارليامينٽ مي??برن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لارڊ واجد خان، ناز شاهه ۽ محمد ياسين شامل هئا. وفد وزيراعظم کي اسلامو فوبيا تي آواز اٿارڻ ۽ مدي??ي جي رياست جي طرز تي پهريون ڀيرو معاشي ۽ سماجي طور تي پيڙهيل طبقن جي لاءِ سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي جا قدم کڻڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کانسواءِ آزاد ڪ??مير ۾ نئين چونڊيل حڪومت جي عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي پڻ ساراهيو. ملاقات ۾ موجوده حڪومت جي مختلف قدمن، عوام دوست پاليسين ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته نظام حڪومت جي حوالي سان اسان جو ماڊل مدي??ي جي رياست آهي، فلاحي رياست ۽ قانون جي بالادستي مدي??ي جي رياست جا سنهري اصول هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون جي بالادستي مڪل طور تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي ??هي، معاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ??ه معاشري جي هر طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي.