اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينيٽ جي چيئرمين سينيٽر صادق سنجراڻي سان سندس ڀاءُ سالار سنجراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ جي چيئرمين سينيٽر محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيئرمين سان سندس ڀاءُ سالار سنجراڻي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن مرحوم جي ??لند در??ن لاءِ خصوصي دعا ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، آر سي ڊي روڊ کي ٻن لائين وارو ٺاهڻ بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم بلوچستان جي ??رقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ س??ي صوبي ۾ روڊن جي ??نيادي ڍانچي کي به??ر ۽ جديد بڻائڻ جي ??اطري ڪرائي، هن سي پيڪ تحت تعمير ٿيندڙ روڊن خاص طور تي اولهه روٽ جي ??عمير کي ان سلسلي ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان منصوبي ۾ معاشي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ نئين دور جو آغاز ٿيندو.