اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چوڌري ڀائرن تي پورو اعتماد آهي، اسان گهٻرائڻ وارا نه آهيون، گهٻرايل اهي آهن جن کي هاڻي چوڌري شجاعت حسين جي صحت ياد اچي وئي آهي، 10 سالن ۾ نئين ڊيمن جي تعمير سان پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش ٻيڻي ٿي ويندي، ڪالاباغ ڊيم جي تعمير کان اڳ سنڌ جي عوام کي مطمئن ڪرڻو ??ون??و، وڌندڙ آبادي جي ل??ءِ وڌيڪ زمينن کي پوکيءَ لائق بڻائڻ لازمي آهي، ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه ٿيڻ جي ڪري مسئلا پيدا ٿيا آهن، درآمدي ٻارڻ سان بجلي جي پيداوار مهانگائي جو سبب آهي، اسان ايندڙ چونڊن جي بدران مستقبل جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، ڊيمن جي تعمير سان گڏوگڏ سياحت جي ترقي جي ل??ءِ ٽنل ٽيڪنالاجي کي پڻ فروغ ڏيڻو ??ون??و. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هائيڊرو پاور ڊيولپمينٽ جي حوالي سان منعقد عالمي سمپوزيم کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ 1960ع جي ڏهاڪي ۾ 2 وڏن ڊيمن جي تعمير کانپوءِ ملڪ ۾ ڪو ڊيم نه ٺاهيو ويو. چين 5 هزار وڏا ڊيم ٺاهي چڪو آ??ي. ??سان جي ملڪ کي ان ڪوتاهي جي ڪري تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته جڏهن درآمدي ٻارڻ سان بجلي پيدا ڪئي ويندي ته ان جي قيمت وڌيڪ ئي هوندي ڇو ته دنيا ۾ قيمت وڌڻ سان پاڪستان ۾ به بجلي جي قيمت وڌي وڃي ٿي ۽ عوام تي بار وڌي وڃي ٿو. پاڪستان ۾ پن بجلي جي تمام گهڻي پيداواري صلاحيت آ??ي. ??ڏهن بجلي مهانگي ٿيندي آهي ته سڀ شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون. اهڙي طرح جڏهن تيل مهانگو ٿئي ٿو ته ٽرانسپورٽ ۽ ٻيون شيون ب?? مهانگيون ٿي وڃن ٿيون. جيڪڏهن ڊيم ٺاهيا ويا هجن ها ته بجلي مهانگي نه هجي ها. تيل مهانگو ٿيڻ سان بجلي به مهانگي ٿي وڃي ٿي ڇو ته اڌ بجلي تيل سان پيدا ڪريون ٿا. هن چيو ته بدقسمتي سان ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه ٿيڻ جي ڪري مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته چين جي تيزي سان ترقي جو راز ڊگهي مدي واري منصوبابندي ۾ آ??ي. ??هي اليڪشن جو ناهن سوچيندا. مون کي فخر آهي ته موجوده حڪومت ايندڙ اليڪشن جو سوچڻ بدران اڳتي جي منصوبابندي ڪئي آ??ي. ??نهي جي ڪري اڄ اسان ڊيمن جو ڏهاڪو ملهائي رهيا آهيون. اسان کي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ضرورت آ??ي. ??وبن ۾ پاڻي جي ورڇ جي حوالي سان اڃا به مسئلا آهن. جنهن تيزي سان اسان جي آبادي وڌي رهي آهي، اسان کي اڃا به وڌيڪ زمين تي پوکيءَ ڪرڻي ??ون??ي. جڏهن پاڻي ذخيرو نه هوندو زمين ڪيئن پوکبي. ڊيره اسماعيل ۾ زرخيز زمين آهي پر پاڻي جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ان کي پاڻي مهيا ٿي وڃي ته خيبرپختونخواهه کي ڪنهن ٻئي صوبي کان ڪڻڪ گهرائڻي ئي نه پوي، اهڙي طرح بلوچستان ۽ ٿر ۾ به لکين ايڪڙ زمين ب??جر پيل آهي، جنهن کي آباد ڪري اسان ڪڻڪ ۽ ڪپهه برآمد به ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته 10 سالن ۾ نئين ڊيمن جي تعمير سان پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش ٻيڻي ٿي ويندي. دنيا کي موسمياتي تبديلي جو وڏو مسئلو درپيش آ??ي. ??ڏهن پاڻي سان ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي ته موسمياتي تبديلي جا منفي اثر به گهٽ ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ پنهنجي نوجوان انجنيئرز کي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي جن کي ڊيم ٺاهڻ ۾ مهارت حاصل ٿي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽنل ٽيڪنالاجي به تمام ضروري آهي ۽ سياحت جي ل??ءِ به ان جي تمام گهڻي ضرورت آ??ي. ??لله تعاليٰ پاڪستان کي قدرتي منظرن سان مالامال بڻايو آ??ي. ??بلن جي اسان جي خوبصورتي جو دنيا ۾ ڪو ملڪ مقابلو نه ٿو ڪري سگ??ي. ??ن سان سياحت جي ذريعي اسان تمام وڏي آمدني حاصل ڪري سگهون ٿا. سوئيٽزرلينڊ جي خوبصورتي اسان جي اترين علائقن کان اڌ آهي پر ان جي سياحت ذريعي آمدني 60 کان 70 ارب ڊالر آ??ي. ??وئٽزرلينڊ ٽنل ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏنو آهي ۽ جبلن ۾ انهن ٽنلز ٺاهي اتي پهچ وڌائي ڇڏي آهي. ٽنل ٽيڪنالاجي سان اسان کي به تمام گهڻو فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير مونس الاهي ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه ڪئي آ??ي. ??ن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان کي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪالاباغ ڊيم بهترين جڳهه تي آهي ۽ اهو منهنجي تڪ ۾ به آهي پر اسان کي رڳو هڪ مسئلو آهي ته اسان کي سنڌ جي ڀائرن کي قائل ڪرڻو ??ون??و. جيڪڏهن اسان انهن کي قائل نه ڪنداسين ته پاڪستان مخالف قوتون انهن کي استعمال ڪنديون ته انهن جو پاڻي چوري ٿي رهيو آ??ي. ??سان کي انهن کي سائنسي بنياد تي ٻڌائڻو ??ون??و ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان انهن کي نقصان نه پر فائدو ٿيندو، پر ان کان اڳ جيڪڏهن اسان ڊيم شروع ڪنداسين ته انتشار پکيڙيندڙ سنڌ جي عوام کي استعمال ڪندا. اسان هڪ وفاق آهيون ۽ اسان جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته سمورن صوبن ۽ پوري قوم کي گڏ کڻي هلون. وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي مون اهڙي تربيت ڪرائي آهي ۽ گذريل 25 سالن ۾ انهن وڏو مشڪل وقت به ڏٺو آهي جو هاڻي اهي ان جا عادي ٿي چڪا آهن پر جيڪي ماڻهو گهٻرايل آهن انهن کي هاڻي چوڌري صاحب جي صحت ياد اچي وئي آهي. چوڌري فواد شجاعت حسين پاڪستان جو اهو سياستدان آهي جو ان جي جيتري سياسي سمجهه آهي شايد ڪنهن ٻئي سياستدان ۾ هجي پر هڪدم ان جي صحت جو ماڻهن کي ياد اچڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهي گهٻرايل آهن ۽ اهي گهٻرايل ماڻهو 20، 20 سال اڳ جي پنهنجي ڪارڪنن ۽ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي تعزيت ل??ءِ هاڻي وڃي رهيا آهن. اسان جو چوڌري ڀائرن تي اعتماد آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڊيمن جي تعمير جي ل??ءِ شاندار خدمتن تي واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين کي خراج تحسين پيش ڪيو.