اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايسوسيئيٽ ڊگري رکندڙ شا??ردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي هايئر ايجوڪيشن ۾ اڳ??ي وڌائينداسين، تعليمي شعبي ۾ جدت سان ملڪ ترقي جي منزل طئي ڪندو جڏهن ته قدر جي بنياد تي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيندو، دنيا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ماڻهن جو وڏو انگ گهربل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي جي 13 هين ڪانووڪيسن کي بطور چانسلر خطاب ڪندي ڪيو. ڪانووڪيشن ۾ سائنس ۽ ٽيڪانلاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، يوينورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر محم?? تبسم افضل، تعليمي ماهرن، يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي سربراهن ۽ شا??ردن ۽ شا??ردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر يونيورسٽي جي بهترين ڪارڪردگي ۽ ??لڪ?? ۽ عالمي سطح تي رينڪنگ تي ريڪٽر، استادن ۽ شا??ردن کي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته اخلاقيات کانسواءِ علم جو ڪو فائدو نه آهي، اسان جي معاشري جي خوبصورتي اسان جا قيمتي قدر آهن، شا??رد ماءُ پيءُ جي تربيت جي ڪري هيستائين پهتا آهن، ڪائنات جو علم وسيع آهي، شا??ردن کي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا ۾ تمام گهڻن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته ڪامسيٽس جو ڳاڻيٽو بهترين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو، شا??رد اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم ڏيارڻ تي والدين جا ٿورا مڃين، ??لڪ?? ترقي جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي، زمانو تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي، نوڪري حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ جي لاءِ ڪميونيڪشن اسڪلز اهميت رکي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا کي 2030ع تائين 80 ملين سائبر سيڪيورٽي ماهرن جي ضرورت آهي، وزيراعظم آءِ ٽي تان ٽيڪس ختم ڪيو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ورچوئل يونيورسٽي 22 لک نوجوانن کي ڊيجيٽل اسڪلز ڏنا اهن، ضروري آهي ته هيومن ريسورس جو انگ وڌايو وڃي جڏهن ته هن چيو ته فيصلاسازي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ايندڙ خال کي گهٽ ڪرڻ گهرجي. ڪانووڪيشن ۾ يونيورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محم?? تبسم افضل ڪامسيٽس يونيورسٽي جي مجموعي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. ان کان اڳ يونيورسٽي جي چانسلر صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڪلٽي ميمبرن سان گڏ ڪانووڪيشن هال ۾ داخل ٿيو جتي شا??ردن ۽ شا??ردياڻين ۽ يونيورسٽي جي استادن بيهي سندس شاندار آجيان ڪئي. صدر نمايان پوزيشن ماڻيندڙ شا??ردن ۽ شا??ردياڻين ۾ ميڊل ۽ ڊگريون پڻ ورهايون.