اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو آهي ??ه اڳوڻي حڪومت آئين ٽوڙيو، پارليامينٽ کان وڌيڪ ايوان صدر کي اهميت ڏني، عوامي اهميت رکندڙ سمورن ايشوز تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو. قومي اس??مبلي سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار قومي اس??مبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني ٽيليفونڪ رابطي تي خيالن جي ڏي وٺ دوران ڪيو. قومي اس??مبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي ??ڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عيد جي خوشين ۾ اسان کي مستحق ماڻهن جو خاص خيال رکڻ گهرجي. بيان موجب ٻنهي ??ڳواڻن اتفاق ڪيو ته الله تعاليٰ اسان کي موقعو ڏنو آهي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ پارليامينٽ جو وقار بلند ڪرڻو آهي، اڳوڻن حڪمرانن آئين ٽوڙيو، پارليامينٽ کان وڌيڪ ايوان صدر کي اهميت ڏني. قومي اس??مبلي جي اسپيڪر چيو ته عوامي اهميت رکندڙ سمورن ايشوز تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته عوام جو پارليامينٽ تي اعتماد بحال ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.