??سل??م آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف سان نيسلي جي هيڊ آف ڪارپوريٽ افيئرز وقار احمد ۽ جنرل مينيجر عبدالله جاويد ملاقات ڪئي جنهن ۾ نيسلي پاڪستان افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي امدادي شيون ??هچ??ئڻ جي قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب نيسلي واٽر ??اران حڪومت پاڪستان جي ان بهترين قدم ۾ پنهنجو حصو ملائيندي 60 هزار ليٽر ??يئڻ جو پاڻي افغانستان ۾ تازي ٻوڏ متاثرين لاءِ عطيو ڪيو ويو، عطيه ٿيل پيئڻ جو صاف پاڻي ٻوڏ متاثرين کي موذي بيمارين کان بچاءُ ۾ مدد فراهم ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف نيسلي پاران ان فلاحي ڪم کي قابل تحسين قرار ڏنو.