اسلام آباد – 04 R11; جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حڪومت موبائيل فون ص??رف??ن جي تحفظ لاءِ وڏو قدم کڻندي ص??رف??ن کي اڻوڻندڙ ايس ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ ص??رف??ن جي ڊيٽا جي رازداري جي قانونن جو فوري جائزو وٺندي جڏهن ته وزيراعظم چيو ته ص??رف??ن جي پرائيويسي شهرين جو بنيادي آئيني حق آهي، حڪو??ت ان جي خلاف ورزي جي اجازت نه ڏيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز واري صلاحڪار سلمان صوفي پي ٽي اي ??يئ??مين کان موبائيل فون ص??رف??ن جي ڊيٽا جي تحفظ ۽ مارڪيٽرز پاران موڪليل اڻوڻندڙ ميسيجن جي حوالي سان مشاورت ڪئي جنهن ۾ شهرين کي ناپسنديده ايس ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي فوري پاليسي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو، خصوصي معاون وزيراعظم جي پي ٽي اي جي ص??رف??ن کي موڪيل مارڪيٽرز جي اڻوڻندڙ ايس ايم ايس سان گڏوگڏ شهرين جي رازداري جي قانونن جي فوري جائزي جي هدايتن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته شهرين جي پرائيويسي هڪ آئيني حق آهي ۽ وزيراعظم ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿو ته انهن جي خلاف ورزي نه ٿئي. پي ٽي اي ??يئ??مين وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ کي ان سلسلي ۾ ٿيندڙ قدمن تي جلد بريف ڪندو، ان سلسلي ۾ ڄاڻايل قدمن ۾ صارف بنا اجازت جي ملندڙ ميسيج موڪليندڙ ڪمپني کي رپورٽ ڪري سگهجندو شامل آهي، وڌيڪ صارف کي اهو حق حاصل هوندو ته هو ڪنهن به ميسيج موڪليندڙ ڪمپني کي ميسيج موڪلڻ کان منع ڪري سگهندو، جنهن تي عملدرآمد ڪمپني تي لازمي هوندو، ان کانسواءِ ڪمپني صارف جي ڊيٽا ان جي مرضي کانسواءِ ڪنهن ٻي ڪمپني کي نه ڏيڻ جي پابند هوندي.