اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت گوادر ۾ ??اڻ?? ۽ بجلي جو ڪو به منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، اربين روپيا ۽ قيمتي ??قت ضايع ڪيو، گوادر ايئرپورٽ ۽ گوادر بندرگاهه جي صورتحال سٺي نه آهي، پاڪستان جي ترقي بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي سان جڙيل آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ و??ير??عظم چيو ته گوادر جي دوري دوران مون ڏٺو ته ڪهڙي طرح پي ٽي آءِ حڪومت گوادر جي ماڻهن کي مايوس ڪيو، اربين روپيا ۽ قيمتي ??قت ضايع ڪيو ويو، گوادر جي بندرگاهه جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏيندڙ مقامي ماڻهن لاءِ ??اڻ?? ۽ بجلي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪو به منصوبو مڪمل ناهي ڪيو ويو. و??ير??عظم چيو ته گوادر جي بندرگاهه ۽ گوادر هوائي اڏي جي تعمير جي صورتحال به ٺيڪ نه آهي، بندرگاهه تي ڪا ڊريجنگ ناهي ڪئي وئي، جنهن جي ڪري ڪو وڏو ڪارگو جهاز لنگر انداز نٿو ٿي سگهي. و??ير??عظم چيو ته گوادر يونيورسٽي ايئرپورٽ ۽ پيئڻ جي صاف ??اڻ?? لاءِ ڊي سيلي نيشن پلانٽ لڳائڻ جي جلد پڄاڻي جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مجموعي ترقي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي سان ڳنڍيل آهي، اتحادي حڪومت بلوچستان جي صوبائي حڪومت ۽ مقامي چڱن مڙسن سان گڏجي مستقبل جي لاءِ لائحه عمل جي تعين لاءِ پرعزم آهي.