اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف سان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ وزيرا??ظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره ملاقات ڪئ??. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ ان موقعي تي موجود هو. ملاقات ۾ وزيرا??ظم کي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مختلف انتظامي، مالياتي ۽ ترقياتي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم کيس هدايت ڪئ?? ته هو پلاننگ ڪميشن ۽ ناڻي واري وزارت جي عملدارن سان گڏجي سمورن حل طلب معاملن کي جلد کان جلد اڪلائي. هن ان سلسلي ۾ سمورن موجود وسيلن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئ??. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحا?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي.