اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽين??ٽ جنرل سرفراز علي سميت پاڪ فوج جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چي?? ته ليفٽين??ٽ جنرل سرفراز، ڊي جي پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، ڪمانڊر انجنيئر 12 ڪور برگيڊيئر خالد، پائليٽ ميجر سعيد، ڪو پائليٽ ميجر طلحيٰ ۽ ڪريو چي?? نائيڪ مدثر شهيد کي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي. هن چي?? ته وطن جا اهي فرزند قوم جو فخر آهن، جن پنهنجون جانيون ٻوڏ ۾ گهيريل پنهنجي هم وطنن جون جانيون بچائڻ جي لاءِ قربان ڪري ڇڏيون. وزيراعظم چي?? ته ليفٽين??ٽ جنرل سرفراز علي ۽ سندس ساٿي انسانيت جي خدمت ۽ فرض جي ادائيگي جو روشن مثال بڻيا آهن. ليفٽين??ٽ جنرل سرفراز علي هڪ بهترين پروفيشنل فرض شناس ۽ قابل آفيسر هجڻ سان گڏوگڏ انتهائي ايماندار ۽ سٺو انسان هو. هن چي?? ته سڄي قوم ان حادثي تي انتهائي ڏکويل آهي. اسان شهيدن جي گهروارن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت ڪريون ٿا. سڄي قوم شهيدن جي گهروارن جي ڏک ۾ شريڪ آهي. الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائ?? ۽ ??هروارن کي صبر ۽ اجر عظيم عطا فرمائي.