اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم ??هب??ز شريف قلعه عبدالله ضلعي، بلوچستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ?? جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ بلوچستان حڪومت کي امدادي ڪاررواين کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جي ??والي سان فوري طور تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ سبب ٻه بند ٽٽڻ ۽ نقصان جي مڪمل ڪاٿي کانپوءِ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو جلد قلعه عبدالله جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو پڻ ڪندو. هن هدايت ڪئي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي محفوظ جاين تي پ??چايو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي ??هائش لاءِ خيما بستين ۽ کاڌي پ??تي جي ??ين جو فوري انتظام يقيني بڻايو وڃي.