اسلام آ??اد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، متاثرين جي مدد ۽ بحالي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي ۽ عالمي برادري جي تعاون سان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ متاثرين جي آبادڪاري ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن اسلام آ??اد ۾ رهندڙ سفارتڪارن، هاءِ ڪمشنرز ۽ سينيئر سفارتي عملي سان ملاقاتون ڪي??ن آهن ۽ انهن کي سڄي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ تباهي بابت آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي معاملن واري ڊويزن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ??ري?? ٿيندڙن کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ حڪومت پاران هيستائين کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين نقصانن جو صحيح ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. وزيراعظم عالمي برادري پاران همدردي جي اظهار ۽ تعا??ن جي خاطري تي انهن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي نئين سر تعمير ?? آبادڪاري کي يقيني بڻائينداسين.