اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي برطانوي وزي??اع??م الزبيٿ ٽرس کي تعزيتي خط لکيو آهي جنهن ۾ ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي برطانوي هم منصب ۽ ان جي وسيلي شاهي خاندان سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م خط ۾ چيو ته بحيثيت ملڪه برطانيا تي ڊگهي ترين مدي تائين حڪمران ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪه ايلزبيٿ ٻه ان سموري عرصي ۾ برطانيا ۽ سڄي دنيا ۾ مثبت تبديلين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي دولت مشترڪه جي لاءِ خلوص ۽ ان جي انٿڪ نگراني ۾ اها تنظيم دنيا جي سڀ کان وڏي آزاد ملڪن جي تنظيم بڻجي وئي. وزي??اع??م چيو ته ڊگهي عرصي تائين عوامي مفادن جي تحفظ جي لاءِ خدمتن جي باوجود ملڪه ايلزبيٿ جي شخصيت ۽ ان جي موجودگي يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي لاءِ اتحاد ۽ اخوت جي طاقت جو نشان بڻي، برطانيا ۽ دولت مشترڪه جي سربراهه طور پاڪستاني عوام جي ملڪه ايلزبيٿ جي لاءِ سدائين احترام ۽ عزت جا جذبا رهيا. وزي??اع??م چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل ان جي حڪومت دوران پاڪستاني عوام ۽ ملڪه ايلزبيٿ جي وچ ۾ ان عزم ۽ احترام جي رشتي ۾ مضبوطي ۾ اضافو ٿيو. وزي??اع??م چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون سموريون همدرديون برطانوي شاهي خاندان، برطانوي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.