اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه ٻوڏ م??اث?? علائقن ۾ ڊينگي، مليريا، ڊائريا ۽ مختلف بيمارين کي ??ُنهن ڏيڻ لاءِ فوري امداد شروع ڪري ڇڏي آهي. پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي تيزيءَ سان سُڃاڻپ لاءِ مختلف ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن ۽ـ قيمتي جانين کي بچائڻ لاءِ فوري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ۽ ٽرانسپورٽ ٻوڏ م??اث??ن کي ??حفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ سان ??ڏو??ڏ خوراڪ ۽ طبي سامان جي چُرپر ۾ به حصو وٺي رهيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضرورتمند خاندانن ۾18510 پڪل کاڌي جا پئ??يٽ، 300 پاڻيءَ جون بوتلون ۽ 1920 بنيادي غذائي جنسن تي ٻَڌل راشن پئ??يٽ ورهايا. وڌيڪ مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي کان??وا??ِ پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپس ۾ پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمون 1440 مريضن جو مفت علاج ڪيو.