جنيوا -04 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان موسمياتي تبديلي کي جديد دور جو هڪ وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي، ته پ??ڪس??ان ۾ موسمياتي تبديلي سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. حڪومت سمورا گهربل وسيلا ڪتب آڻي متاث??ن جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان کي هنگامي بنيادن ت?? دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت آهي، متاثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ به قدم کڻڻا پوندا، ٻوڏ متاث??ن جي مدد لاءِ دنيا اڳيان وڌي. اهڙو اظهار هن جنيوا ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ پ??ڪس??ان ۽ گڏيل قومن ج?? گڏيل نظرثاني ٿيل فليش 2022ع اپيل جي شروعاتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي ۾ پ??ڪس??ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن ۾ اسريل ملڪن جي ذميواري وڌيڪ آهي، دنيا کي موسمياتي تبديلين جو چئلينج سامهون آهي، جديد دور جي مختلف چئلينجن مان موسميات تبديلي هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب پ??ڪس??ان تمام خراب ريت متاثر ٿيو آهي، هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي تبديلي جو هڪ واضح مثال آهي، پ??ڪس??ان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ س??ب تباهي ٿي آهي، جنهن جو شمار صدي جي سڀ کان وڏي آفت ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ته ٻوڏ سبب 1700 کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، هاڻوڪي ٻوڏ سبب پ??ڪس??ان ۾ وڏي پئماني تي ماڻهن جي گهرن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، اسان اڃا به ريسڪيو ۽ رليف جي مرحلي ۾ آهيون، بوڏ متاث??ن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي. حڪومت ٻوڏ متاث??ن جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ جي زراعت ۽ بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڃا به لکين ماڻهو امداد جا منتطر آهن. اڃا به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، اسان کي هنگامي بنيادن ت?? دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت آهي. هن چيو ته سياري جي مند اچڻ واري آهي، ٻوڏ متاثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. پ??ڪس??ان ۾ ٻوڏ متاث??ن جي مدد لاءِ دنيا کي اڳيان وڌڻو پوندو. حڪومت ٻوڏ متاث??ن جي مدد لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، پ??ڪس??ان اڪيلي سر ٻوڏ جي تباهڪارين کي نٿو منهن ڏئي سگهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي قدم کنيا وڃن.