اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي دستياب وسيلا هنگامي بنيادن تي استعمال ۾ آڻڻ جي هدا??ت ڪئي ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم کي ٻوڏ سٽيلن جي پائيدار بحالي جي لاءِ ??ڏيل قومون (يو اين) ۽ ايشيائي ??رقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جهڙن عالمي ترقياتي حصيدارن جي مدد سان تيار ڪئي ويندڙ پوسٽ ڊيزاسٽر اينڊ اسيسمنٽ (پي ڊي ايم اي) تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ ج??رل ظفر اقبال ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري شرڪت ڪئي.