اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع ۾ شارٽ فلم ڪلري هيريٽيج آف لاهور، ”دي هڊن ويليج آف هندوڪش“”سڪندر رڪشي والا“”سرپلز آف سلور لائٽنگ“،”بروشسڪي“”بهاولپور، ”حسن مستور“ايوارڊ ماڻي ورتا، وزيراعظم نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن ۾ ايوارڊ ورهايا. نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ايوارڊ تقريب ٿي، جنهن ۾ مختلف ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊ کٽيندڙ فلمن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو. انڊر گريجوئيٽ ڪيٽيگري ۾ اقراءَ يو??يورسٽ?? ڪراچي جي شا??رد سيد اعجاز رضا نقوي جي شارٽ فلم ”سرپلز آف سلور لائٽنگ“ پهرين پوزيشن، اقراءَ يو??يورسٽ?? ڪراچي جي شا??رد احسن خان جي شارٽ فلم ”بروشسڪي“ ٻي پوزيشن، بيڪن هائوس نيشنل يو??يورسٽي لاهور جي شا??رد عذير احمد جي شارٽ فلم ”بهاولپور“ ٽئين پوزيشن، سردار بهادر خان وومين يو??يورسٽي جي پلوشه خان جي شارٽ فلم ”حسن مستور“ چوٿين پوزيشن، ڪينرڊ ڪاليج فار وومين يو??يورسٽي لاهور جي شا??ردياڻي سحر اعجاز جي شارٽ فلم ”ان ڪهي“ پنجين پوزيشن، قصور سان تعلق رکندڙ پنجاب يو??يورسٽي جي شا??رد اويس منير جي شارٽ فلم ”واه گرو“ ڇهين پوزيشن ۽ اقراءَ يو??يورسٽي پشاور جي شا??رد آدم خان جي شارٽ فلم ”گورکتري“ ستين پوزيشن حاصل ڪئي. اسپيشل فلم ڪيٽيگري ايوارڊز ۾ اقراءَ يو??يورسٽ?? ڪراچي جي گريجوئيٽ محمد بلال عمران جي شارٽ فلم ”رهائي“ پهرين، هنزه سان تعلق رکندڙ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي شا??رد نديم الڪريمي جي شارٽ فلم ”سيڪريٽ لائيف“ ٻي، رحيم يار خان سان تعلق رکندڙ سپيريئر ڪاليج لاهور جي شا??رد محمد بلال طارق جي شارٽ فلم ”ياد گهريو“ ٽئين، بلوچستان يو??يورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ اينڊ مئنيجمينٽ سائنسز جي شا??رد محمد بلال جي شارٽ فلم ”دي بيوٽي آف بلوچستان“ چوٿين، لاهور ڪاليج فار وومين يو??يورسٽي جي ربيعه شهزاد جي شارٽ فلم ”ڪلري هيريٽيج آف لاهور“ پنجين، قراقرم انٽرنيشنل يو??يورسٽي گلگت جي شا??رد محمد وسيم جي شارٽ فلم ”دي هڊن ويليج آف هندوڪش“ ڇهين ۽ فاطمه جناح وومين يو??يورسٽي راولپنڊي جي شا??ردياڻي ايمن سليم جي شارٽ فلم ”سڪندر رڪشي والا“ ستين پوزيشن حاصل ڪئي. موبائيل فلم ڪيٽيگري ايوارڊ ۾ ايم اي او ڪاليج لاهور جي شا??رد محمد شايان ڪامياب قرار ڏنو ويو. ان جي شارٽ فلم جو نالو ”نارٿ ٽرن“ آهي. نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول ۾ حصو وٺندڙ سڀ کان گهٽ عمر جي شا??رد معيز احمد کي پڻ ايوارڊ ڏنو ويو. ان جي فلم جو نالو ”ديک لاهور“ آهي. تقريب ۾ نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ دبئي پورٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سلائم، حسن مختار ۽ فخر عالم کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي وئي.