اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا تائين ٻوڙن ماڻهن جي پهچ جي ايڪٽ 2022ع جي منطوري ڏئي ڇڏي. ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا ت?? پاڪستان سائن لينگويج ترجمان کانسواءِ نيوز بليٽن جي اجازت نه هوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ايڪٽ ??حت هڪ سال کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا تي سائن لينگويج ترجمان کانسواءِ ڪنهن به ??روگرام، اينٽرٽينمينٽ، اشتهار، ٽاڪ شو، ڊر??مي، فلم يا ڪنهن به ??سم جي تصويري پروگرام جي اجازت نه هوندي. سرڪاري ۽ نجي ميڊيا هائوسز کي ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن جي اندر ايڪٽ ??ي عملدرآمد ج?? لاءِ سائن لينگويج ترجمان مقرر ڪرڻو پوندو. ايڪٽ پور?? پاڪستان ۾ فوري طور ت?? لاڳو هوندو.