وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر جي ملاقات

image
APP29-090123 GENEVA: January 09 – Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif meets President of Islamic Development Bank Dr. Muhammad Al-Jasser on the sidelines of the International Conference on Resilient Pakistan in Palais des Nations, Geneva, Switzerland. APP/TZD

جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر جنيوا ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد الجاسر جي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي آجيان ڪئي. وزيراعظم اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان تباهي ۽ حڪومت جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر وزيراعظم کي پاڪستان سان ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي لاءِ پاڪستان انتهائي اهميت رکندڙ ملڪ آهي، اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ مصيبت ۾ ورتل پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي مدد ڪندو رهندو. وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر محمد الجاسر جا ٻوڏ سٽيلن جي مدد ۽ پاڪستان سان تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ کيس حڪومت جي پاڪستان ۾ درآمدي ٻارڻ تي دارومدار کي گهٽ ڪري قابل تجديد توانائي جي ذريعن تي آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف محمد الجاسر کي حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ جي سولر منصوبي بابت پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو جنهن سان حڪومت نه رڳو گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪري سگهندي پر درآمدي ٻارڻ جو بل پڻ تمام گهٽ ٿيندو.

مضمون کا ماخذ : bolão lotomania
متعلقہ مضامین
مزید خبریں