اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي ت??اون تنظيم (اي سي او) جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ تاشقن?? پهچي ويو. پرڏيهي وزير (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ ٿي رهيو آهي. ڪانفرنس جي ٿيم ”رابطي کي مضبوط بڻائڻ جو سال“ آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزارتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي مي??بر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين نمائندن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ڪائونسل آف منسٽرز اقتصادي ت??اون تنظيم جو پاليسي ساز فورم آهي جيڪو تنظيم جي فيصلن ۽ سالياني ورڪ پلان جي منظوري ڏي ٿو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اقتصادي ت??اون تنظيم جو 25 هون وزارتي ڪائونسل اجلاس نومبر 2021ع ۾ اشڪ آباد ترڪمانستان ۾ ٿيو هو. پاڪستان هڪ باني مي??بر ط??ر اقتصادي ت??اون تنظيم (اي سي او) جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو مقصد مواصلات، واپار، ثقافت ۽ رابطن تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ موثر علائقائي ت??اون کي فروغ ڏيڻ آهي.