بلاول ڀٽو زرداري جي شام جي سفارتخاني آمد، سفير سان زلزلي تي افسوس جو اظهار

image

اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ شام جي سفارتخاني وڃي پاڪستان ۾ شام جي سفير سان پاڪستان پاران شام ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي تي افسوس جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شام ۾ زلزلي سان ٿيندڙ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شامي سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام شامي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں